سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ طرفان بدامني بابت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي صوبي ۾ ڌاڙيلن خلاف موثر ۽ مستقل بنيادن تي آپريشن ڪرڻ جو حڪم، عدالت فوج، رينجرز سان گڏ 24 ڪلاڪن اندر ننڍي ۽ ڊگهي مدي وارو پلان جوڙي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. سکر سميت اتر سنڌ ۾ بدامني خلاف ھاءِ ڪورٽ بار سکر جي اڳوڻي جنرل سيڪريٽري علي گل عباسيءَ جي درخواست تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ان دوران صوبائي گھرو سيڪريٽري سعيد احمد مڱڻيجو، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي،  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ سميت مختلف ضلعن جا ايس ايس پيز پيش ٿيا، ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کان پڇاڻو ڪندي چيو ته آءِ جي صاحب رياست ماءُ ھوندي آهي. پنجاب ۾ اهڙي صورتحال ناهي، اتر سنڌ ۾ ائين ڇو آهي، هتي جنگ جهڙي صورتحال آهي، ماڻهو اغوا، قتل ٿين پيا. ڌاڙيل مغوين ۽ نياڻين سان زيادتيون ڪن پيا، ڪو هنڌ محفوظ ناهي، ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ انڊرورلڊ، وائيٽ ڪالر ۽ سردارن کي وائکو ڪري ڳچيءَ ۾ هٿ وجهو، ڪارروائي ڇو نه پئي ڪئي وڃي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ پوليس کي ملٽري گريڊ جا هٿيار ڏيو يا وري آرمي سان گڏ ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڇو نه نٿو ڪيو وڃي. ان تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته جن ضلعن ۾ امن مان جي صورتحال خراب آهي، اتي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ايس پي لڳايا ويا آهن. جلد صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويندو. آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو ته ملٽري گريڊ جي هٿيارن جي خريداري جي ڳالهه مون ڪئي آهي، وڏي وزير پڪ ڏياري آهي ته هٿيارن جي خريداري لاءِ جيترا پئسا گهربل آهن اهي ڏينداسين. جسٽس صلاح الدين پنهور پڇاڻو ڪيو ته ايس ايس يو ڪمانڊو گھوٽڪي ۽ ڪشمور ضلعن ۾ مقرر ڇو نٿا ڪري سگھجن. ان تي آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ايس ايس يو جو ڪم وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڊيوٽي ۾ آهن. ان تي جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته ايس ايس يو جا 5 هزار جوان وي وي آءِ پيز سان ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن، سنڌ ۾ ٻارڙيون اغوا ٿي رهيون آهن. ڏوهي وارداتن تي ضابطو ناهي، رڳو وي وي آءِ پي پروٽوڪول تي زور لڳو پيو آهي. وي آءِ پي ماڻهو پنهنجا ذاتي گارڊ به رکي سگھن ٿا. اسان کي ٽن مهينن لاءِ رينجرز ۽ فوج گھرجي. اسان وٽ ٻه آپشن آهن، پوليس کي جديد هٿيار ڏجن يا جوائنٽ آپريشن ٿيڻ گھرجي. عدالت پچاڻو ڪيو ته ايس ايس يو فورس قانون مطابق وي آءِ پيز جي ڊيوٽي تي لڳل آهن يا ڪابينا جي چوڻ تي مقرر ڪيا ويا آهن، ان تي آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته قانون مطابق نه پر ڪابينا جي چوڻ تي انهن کي مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته سکر ضلعي ۾ 3100 اهلڪار مقرر ٿيل آهن.جن مان 1600 اهلڪار وي آءِ پي پروٽوڪول ۾ ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن. جسٽس صلاح الدين پنھور ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا انڊسٽري بڻجي چڪي آهي، هر سال 30 ڪروڙ رپين کان وڏو ڪاروبار ٿئي ٿو. پوليس کي سهولتڪارن جي نشاندهي ڪرڻ گھرجي. آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 275 ڌاڙيلن جي سر جي قيمت 52 ڪروڙ روپيا رکي وئي آهي. ڌاڙيلن تي رقم رکي ٿي وڃي پر ملي نٿي. عدالت ۾ موجود اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته آرمي جا هٿيار ڏوهارين وٽ آهن پر پوليس وٽ ناهن. پوليس کي به جديد هٿيار ڏيڻ گھرجن. وزيراعليٰ سنڌ يقين ڏياريو آهي ته ان سلسلي ۾ فنڊ جلد جاري ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته مغوين جي وارثن کان ڌيءَ يا ڀيڻ جي ڊمانڊ ڪئي ويندي آھي، فرمائش ڪئي ويندي آھي ته انھن جي عمر 8 کان 10سال ھجي، معصوم نينگرين کي گهرائي ريپ ڪري وڊيو رڪارڊ ڪري ڊارڪ ويب سائيٽ تي موڪليون وڃن ٿيون، اھڙين وڊيوز مان پئسا ڪمايا وڃن ٿا. آءِ جي سنڌ کي مغويءَ جي نينگري کي پنھنجي نياڻيءَ سمجھي ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گھرجي. ان تي عدالت آءِ جي سنڌ ۽ گھرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته 24 ڪلاڪن اندر ٻنهي آپشنن جي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته ڪيتري وقت ۾ آرمي سان گڏجي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪيو ويندو. ان ۾ ڪهڙي رڪاوٽ آهي. جڏهن ته ٻوڏ ۾ آرمي اچي سگهي پئي ته بدامني کي روڪڻ ۽ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ ڇو نٿي اچي سگهي؟جيڪي  وائيٽ ڪالر ۽ سردار ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪن پيا انهن کي وائکو ڪري ڳچيءَ ۾ هٿ ڇو نٿا وڌا وڃن. اسان کي صرف امن امان کپي ٿو. هتي روز نياڻيون اچن پيون ته جرڳن ۾ ڪاري قرار ڏنو ويو آهي، ماريو ويندو، اوهان ٻڌايو ته ڪيترن جرڳائين مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. جسٽس صلاح الدين رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته وڏي وزير کي اهڙي صورتحال تي درد هوندو پر آءِ جي صاحب اسان سڄو معاملو اوهان تي ڇڏيون پيا ته موجوده صورتحال ۾ اسان کي وقتائتو ۽ مستقل حل گهرجي، ان بابت پڪ ڏياري وڃي ته ڌاڙيلن خلاف ڪيترن ڏينهن اندر آرمي سان گڏجي آپريشن ڪيو ويندو. ان دوران عدالت اهو به پڇاڻو ڪيو ته ايس ايس پي نوشهرفيروز عبدالقيوم پتافي طلب ڪرڻ باوجود ڇو پيش ناهي ٿيو، آءِ جي سنڌ پاڻ پھتو آھي پر ان جي ماتحت ايس ايس پي ناھي پھتو، ڇا اهو سردار آهي يا ان جو ڀاءُ وزير آهي ان ڪري پيش ناهي ٿيو؟ جسٽس صلاح الدين پنهور آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ايس ايس پي نوشهرفيروز کي هاڻي جو هاڻي هٽايو وڃي. جديد ھٿيارن جي خريداري بابت آءِ جي سنڌ  عدالت کي ٻڌايو ته اپيڪس ڪاميٽي جديد هٿيارن جي خريداري تي پابندي ناھي لڳائي، اپيڪس ڪاميٽي چيو آهي ته توهان جي سپاهين کي تربيت جي ضرورت آهي، آءِ جي سنڌ آرمي ۽ ايئر فورس سان ٽريننگ بابت ڳالهيون جاري آهن.  جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن جج نه هجون ها ته 10 ڏينهن ۾ پڌرو ڪري ٻڌايون ها ته چورن کي ڪير سپورٽ ڪري ٿو، توهان پي ايڇ ڊي ڪريو ته ڪير ملوث آهي. هڪ طرف جاگيردار آهي، ٻئي طرف 50 هزار پگهار تي ڪم ڪندڙ پوليس اهلڪار، ان پوليس اهلڪارن کي ايترو مضبوط ڪريو جو هيلڪاپٽر تي پهچڻو پوي ته پهچو، ايئن ئي هي چين ختم ڪري سگهجي ٿي. عدالت آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف موثر ۽ مستقل بنيادن تي آرميءَ جي مدد سان آپريشن پلان جمعي ڏينهن (اڄ) پيش ڪيو وڃي.