نئين دهلي(م ڊ) ڀارت ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس روس ۽ آمريڪا جي اختلافن جي ور چڙهي ويو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جون اختلاف پري رکڻ جون اپيلون به ڪنهن نه ٻڌيون. ڀارتي وزيراعظم عالمي ادارن کي دنيا جي وڏن چئلينجز کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام قرار ڏيندي چيو آهي ته عالمي اداراهڙن مسئلن تي گڏيل پليٽ فارم قائم ڪن. جي 20 ملڪن جي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ ڀارتي وزيراعظم چيو ته جي ٽوئنٽي ملڪن کي اِهو مڃڻ گهرجي ته هن وقت بحران ۾ مختلف ملڪن جو رويو بنيادي سبب آهي. هن چيو ته مالياتي، ماحولياتي، دهشتگردي، ڪورونا ۽ جنگن سبب ۽ گذريل ڪجهه سالن دوران حاصل ٿيندڙ انگن اکرن جي روشني ۾ اِهو واضح ٿي چڪو آهي ته عالمي گورننس ناڪام ٿي چڪي آهي. هن صورتحال ۾ اسان جي سالن جي ڪاميابين جي وڃائجڻ جو خطرو آهي ٻئي طرف بي بي سي موجب جي 20 اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي آمريڪا ۽ روس جي ڀرڏيهي وزيرن کي اختلاف هڪ طرف رکڻ جي درخواست به ڪم نه آئي ۽ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ ٻنهي ملڪن هڪٻئي تي الزام هنيا. آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته هي اجلاس روس جي جنگ جي ڪري متاثر ٿيو آهي. روسي پرڏيهي وزير سگئي لاروف چيو ته اولهه جي ملڪن يوڪرين کان اناج خريد ڪرڻ واري معاهدي کي دفنائي ڇڏيو. بي بي سي موجب ڀارت هن صورتحال ۾ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. اجلاس ۾ ڀارت ڪنهن به مسئلي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي