لنڊن(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، پي ٽي آءِ جي حمايت ڪندڙ حساس اداري جي اڳوڻي عملدار عادل راجا ملڪ جي اهم اداري جي سربراهه تي سنگين الزام هنيا آهن. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جي اهم اداري جي سربراهه تي پنهنجي غيرقانوني مقرري وقت ڪيل واعدي کي نڀائڻ لاءِ سخت دٻاءُ آهي. جنهن بعد هن عمران خان جي قتل ڪرڻ جو پلان منظور ڪري ڇڏيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ڳجهي اداري جي سربراهه کي شايد تبديل ڪيو ويندو پر ڊرٽي هيري ۽ سندس ٽيم ڪم ڪندي رهندي.