ڪي پي ڪي جي اسپتالن ۾ ڪا به سهولت ناهي: چيف جسٽس

0
249
ڪي پي ڪي جي اسپتالن

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ھڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا  آھن تھ پختونخواهه جي اسپتالن ۾ عام شهرين لاءِ ڪا به سهولت ناهي، ڊپ آهي ته جلد ڪي پي ڪي جون اسپتالون فائيو اسٽار هوٽلون بڻجي وينديون

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ اقليتن جي عبادتگاهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ متروڪ وقف ملڪيت بورڊ جو چيئرمين، چيف سيڪريٽري ڪي پي ڪي ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران رميش ڪمار عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي ڪمرشل پلازا تعمير ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ڇا اهڙيون پراڻيون عمارتون ڊاهي پٽ ڪيون وڃن؟ ڌرم شالا 1932ع ۾ ٺهي، توهان ان کي اصل حالت ۾ محفوظ نٿا رکي سگهو، جناب چيئرمين صاحب، توهان پنهنجي ذميوارين کان بچي نٿا سگهو، لاهور ۾ جين مندر ۽ بليو ڊوم واري معاملي تي ايف آءِ اي ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟

عدالت ايف آءِ اي کي ڪراچي ۾ ڌرم شالا جي زمين تي قبضي جو ڪيس ۽ ثبوت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته ايف آءِ اي ماڻهن کي تنگ نه ڪري، ماڻهو ايف آءِ اي کان نه ڊڄن ته اهي کسي ويندا. ايف آءِ اي جي جاچ جي نالي تي انهن حرڪتن جي ڪري سڄو ملڪ بدامني جي حالت ۾ آهي

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ايڏو وڏو ڪرتارپور راهداري ٺاهيو پيو وڃي، باقي ملڪ ۾ به اقليتن جون عبادتگاهون آهن، رميش ڪمار چيو ته خيبرپختونخواهه جي سرڪاري اسپتالن ۾ اقليتن لاءِ ڪي به سهولتون ناهن، جنهن تي چيف جسٽس ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري کي روسٽرم تي طلب ڪندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان ڪي پي جي سرڪاري اسپتالن جو دورو ڪيو آهي؟ چيف سيڪريٽري چيو ته هن اسپتال جو دورو ڪيو جنهن ۾ سموريون طبي سهولتون موجود آهن.

جسٽس گلزار احمد چيو ته هي بيان اوهان کي سمجهه ۾ نٿو اچي، اوهان لاءِ هر جاءِ تي سهولتون آهن، پختون خواهه جي اسپتالن ۾ عام شهرين لاءِ ڪي به سهولتون ناهن، مون کي خطرو آهي ته ڪي پي ڪي جون اسپتالون جلد فائيو اسٽار هوٽلون بڻجي وينديون