ڪراچي: پيپلزپارٽي پاران مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي خواهشمند اميدوارن کان 30 جنوري تائين درخواستون وصول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ پ پ اڳواڻ فريال  ٽالپر جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت پيپلزپارٽي پاران سنڌ جي يوسي سطح کان وٺي ضلعي، ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين جي اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون آهن،30 جنوري تائين درخواستون گهرائڻ جو سلسلو جاري رهندو.