ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو لانگ مارچ  عوام دشمن پي ٽي آءِ حڪومت خلاف اعلان جنگ آهي، هن حڪومت تي عوامي مارچ مهانگو پوندو،اسلام آباد پهچي مقصد حاصل ڪنداسين. ڪالهه هتي وزيراعليٰ هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس کي ويڊيو لنڪ ذريعي  خطاب ڪندي هن چيو ته 27 فيبروري تي مزار قائد کان شرع ٿيل لانگ مارچ پي ٽي آءِ جي نااهل حڪومت کي بي نقاب ڪري گهر موڪليندو، پيپلز پارٽي ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍندي. پارٽي جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ پنهنجا اختلاف ختم ڪري هڪ آواز ٿين، اسان کي ڪير هارائي نه ٿو سگهي. سڄي ملڪ ۾ مڪاني چونڊن سميت عام چونڊن ۾ به ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي طرفان هارين سان يڪجهتيءَ لاءِ 21 ۽ 24 جنوري تي سڄي ملڪ ۾ ڪسان مارچ ڪيو ويندو. پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته لانگ مارچ جو ٻيو حدف پنجاب بارڊر ڪمون شهيد پڻ هوندو جنهن کانپوءِ مارچ لاهور ۽ اسلام آباد پهچندو، اسين هر مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن کي پيپلز پارٽي جي لانگ مارچ ۾ شرڪت جي اپيل ڪريون ٿا. وفاقي حڪومت مني بجيٽ جي صورت ۾ 340 ارب رپين جو ٽيڪس مڙهي عوام جو رت به چوسڻ چاهي ٿي، يوريا ڀاڻ جي سرڪاري قيمت 1700 رپيا هوندي آبادگار ۽ هارين کي  اها ٻوري 3200 روپين ۾ به نه ٿي ملي.  پ پ (عورت ونگ) جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر چيو ته عوام هن حڪومت جي مهانگائي، بيروزگاري ۽ ٽيڪسن جي ڀرمار مان بيزار ٿي چڪو آهي، هر مهيني بجلي مهانگي ڪري عوام تي بم ڪيرايو پيو وڃي.  يوريا ڀاڻ جي بحران سان ڪڻڪ جو فصل گهٽ ٿيندو، انهي سان اٽي جو بحران جنم وٺندو. حڪومت پاڻ اهڙيون حالتون پيدا ڪري پاڻ عوام کي لانگ مارچ تي مجبور ڪيو آهي، هن  چيو ته لانگ مارچ ۾ عورتون به ڀرپور شرڪت ڪنديون. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪ مان غريبن کي ختم ڪريو واري ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي.