اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي (نيپرا)  بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 4 رپيا 30 پيسا في يونٽ واڌ ڪري ڇڏي آهي. نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي قيمتن ۾ واڌ نومبر جي ماهوار فيول ايڊجسمنٽ جي مد ۾ ڪئي وئي آهي. نيپرا طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اضافي وصوليون جنوري جي بلن ۾ ڪيون وينديون. جڏهن ته اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن جي صارفين مٿان واڌو رقم لاڳو نه ٿيندي.