ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ)  سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته هر گهٽي  ۾ پوليس اهلڪار کي بيهاري نٿو سگهجي، ڪراچي کي سمارٽ سٽي ڊڪليئر ڪرڻو پوندو.صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي جهڙو شهر سمارٽ سٺي ٺهڻ بنا ڪنٽرول ٿي نٿو سگهي، پ پ کي گهرجي ته ڪراچي کي جلد کان جلد سيف سٽي بڻائي. هن اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي روز ٿا چون ته اسان جي حڪومت اڄ وئي، سڀاڻي وئي، اسان جي حڪومت کي ساڍا 3 سال گذري ويا آهن، اپوزيشن ۾ دم ئي ناهي، پي ٽي آءِ نه رڳو 5 سال پورا ڪندي پر ٻيهر به حڪومت ۾ ايندي. هن چيو ته اڄ پاڪستان جي جيڪا حالت آهي، انهي جا ذميوار پ پ ۽ نواز ليگ وارا آهن، انهن جي ڪري اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو، اهي بي شرمن جيان چون ٿا ته عمران خان مهانگائي ڪري ڇڏي پر سڄي دنيا ۾ مهانگائي آهي، آمريڪا ۾ 40 سالن جو رڪارڊ ٽٽو آهي، هن چيو آهي ته مڪاني قانون ڪراچي جي ادارن تي قبضي جي ڪوشش آهي، پ پ اعتراض ڪندڙ ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي، مڪاني قانون تي خدشا ختم نه ٿيا ته سياسي بي چيني وڌي ويندي. ملڪ جي ڦرلٽ ڪندڙ عمران خان تي مهانگائي جا الزام هڻن ٿا.