ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪي پي او حملي جا ماسٽر مائينڊ 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 گرفتار، خودڪش جيڪٽ ۽ هٿيار هٿ، منگھوپير جي علائقي مائي ڳاڙهي وٽ سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن ۾ مبينه مقابلو ٿيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪراچي پوليس آفيس تي حملي جا ماسٽر مائينڊ 2 دهشتگرد ارياد الله ولد گل قادر خان ۽وحيد الله ولد سيف مالي خان مارجي ويا، جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو،سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب موجب دهشتگرد ارياد الله تحريڪ طالبان پاڪستان جو ڪمانڊر هو، جوابدارن جي قبضي مان خودڪش جيڪٽ، 5 هٿيار ۽ 2 موٽر سائيڪلون هٿ ڪيون ويون. بم ڊسپوزل اسڪواڊ خودڪش جيڪٽن کي ناڪاره بڻايو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ،ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب منهاس، ڊي آءِ جي ذوالفقار لاڙڪ ۽ ايس ايس پي طارق نواز سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن ڪي پي او تي بزدلاڻو حملو ڪيو هو، 2 دهشتگردن کي پوليس ماريو هو، سندن هڪ ساٿي پاڻ کي بم سان اڏايو هو، انهي واقعي ۾ 5 اهلڪار شهيد ۽ 20 زخمي ٿيا، حملي جي ذميواري تحريڪ طالبان قبول ڪئي هئي. هن چيو ته اسانکي اطلاع مليو ته دهشتگرد نيٽ ورڪ جا وڌيڪ دهشتگرد حب جي ڪچن رستن ذريعي ڪراچي ۾ داخل ٿيندا، گذريل رات 3 وڳي موٽر سائيڪلن تي سوار 4 دهشتگرد داخل ٿيا، جن کي مائي ڳاڙهي  واري علائقي ۾ مقرر سي ٽي ڊي پوليس ٽيم روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، دهشتگردن سي ٽي ڊي تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ 2 دهشتگرد زخمي ٿي پيا، جن دم ڏنو، باقي ٻن دهشتگردن ڪجهه دير مقابلي بعد گرفتاري ڏئي ڇڏي،مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ آرياد الله ۽ وحيد ﷲ جي نالن سان ٿي، ٻئي ڪي پي او تي ٿيل دهشتگرد حملي جا ماسٽر مائينڊ هئا، گرفتار دهشتگردن جي سڃاڻپ عبدالعزيز ۽ مهراڻ عرف مهربان جي نالن سان ٿي. مارجي ويل دهشتگرد ڪراچي جي علائقي احسن آباد جا رهواسي هئا، جڏهن ته گرفتار دهشتگردن مان هڪ گلشن حديد ۽ ٻيو شاهه لطيف ٽائون جو رهواسي آهي، دهشتگرد واقعي بعد بلوچستان ۾ روپوش ٿي ويا هئا.