ڪراچي: صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب گرفتار دهشتگردن انڪشاف ڪيو ته ڪي پي او حملي ۾ استعمال ٿيل ڪار واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ خودڪش حملي آور ڪفايت ﷲ عرف انس ۽ گرفتار دهشتگرد عبدالعزيز حب جي هڪ شوروم مان 10 لکن ۾ خريد ڪئي هئي، گاڏي خريد ڪرڻ لاءِ رقم آرياد ﷲ ۽ وحيد الله ادا ڪئي هئي،خودڪش حملي آور حملي کان هڪ هفتو اڳ بسن ذريعي ڪراچي آيا هئا، خودڪش جيڪٽ ۽ هٿيار ڪي پي جي علائقي ٽانڪ مان بسن ذريعي پهچايا ويا هئا، دهشتگرد عبدالوحيد وٽ احسن آباد ۾ رهندا هئا. صوبائي وزير موجب دهشتگرد هڪ ٻيو حملو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ داخل ٿي رهيا هئا. هن چيو ته ڪي پي او حملي بعد وڏي وزير سيد مراد علي شاهه هڪ فيڪٽ اينڊ فائينڊنگ انڪوائري ڪاميٽي جوڙي آهي، جاچ ۾ پوليس جي غفلت ثابت ٿي ته ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته خودڪش جيڪٽ يا هٿيار سنڌ ۾ نٿا ٺهن، اهي ٻين صوبن مان آندا ويندا آهن، هر گاڏي کي روڪي چيڪ ڪرڻ ممڪن ناهي، ٻين صوبن کي پنهنجي سرحدي علائقن جي ڪڙي نگراني ڪرڻ گھرجي، اتي اسڪينر لڳايا وڃن. هن چيو ته انهن کان به پڇاڻو ڪرڻ گھرجي، جن طالبان لاءِ نرم رويو رکيو ۽ انهن سان ڳالهيون ڪيون.