اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پيڪيج تيار ڪيو آهي، رمضان ۾ پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک گهراڻن ۾ مفت اٽو ورهايو ويندو، مفت اٽي جي ورهاست 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي، هن چيو ته اٽي جي اها ورهاست 8 هزار 5 سئو يوٽيلٽي اسٽورن جي ذريعي ڪئي ويندي، عوامي سهولت جي لاءِ اٽي جي ورهاست لاءِ وڌيڪ 20 هزار پوائنٽون قائم ڪيون وينديون، هن چيو ته مفت اٽي جي ورهاست شفاف طريقي سان يقيني بڻائي وڃي، اٽي جي فراهمي جي دوران چوري روڪڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي، مفت اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو قبول ناهي، مفت اٽو اسڪيم ۾ پنهنجي اهليت ايس ايم ايس جي ذريعي جاچي سگهجي ٿي، وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي به ان پروگرام ۾ تعاون فراهم ڪندي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پيڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد چيما ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پنجاب حڪومت طرفان رمضان ۾ مفت اٽي جي ورهاست جي پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.