خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ رسول بخش بروهي جي 6 هين ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ماهه نور ملاح، ضلعي صدر ايڊووڪيٽ امتياز جتوئي، حيدر ملاح، ذوالفقار چانڊيو، يعقوب کوسو، فياض حيدر شيخ، مشهور ميمڻ، بخت علي ملاح، سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ سنڌو ملاح، دعا ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سندس جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر ۽ پارٽيءَ جو جهنڊو چاڙهي کيس سلامي پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته رسول بخش بروهي عوامي تحريڪ جو سچو ۽ ثابت قدم ساٿي هو، جنهن زندگيءَ جي آخري دم تائين پارٽي جي پليٽ فارم تان سنڌ ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪئي، ايم آر ڊي تحريڪ دوران جهموريت جي بحالي لاءِ گرفتار ٿيو، جيل جون سختيون کاڌيون، اڳواڻن چيو ته رسول بخش بروهي هميشه جدوجهد جي ميدان ۾ اڳي کان اڳرو رهيو، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو.