مانجھند (رپورٽر) مانجھند لڳ انڊس هاءِ وي تي چيڪنگ دوران پوليس اهلڪار موٽرسائيڪل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته موٽرسائيڪل سوار بااثر مبينا طور ڪانسٽيبل اميد علي تنگھياڻي کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي پوليس اهلڪار جي وردي ڦاڙي ڇڏي، جڏهن ته ٻين پوليس اهلڪارن ڀٽي ڀائي کي ٿاڻي تي کڻي آيا، جتي زخمي پوليس اهلڪار اميد علي ٻڌايو ته چيڪنگ لاءِ روڪڻ تي بااثر حملو ڪري تشدد ڪري زخمي ڪيو آهي، ٻي طرف زخمي ٿي ڀاءُ سليم تنگهياڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته جوابدار ايترو بااثر آهي جو پوليس به کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن چيو ته جوابدار ٿاڻي تي آيو پر پوليس کيس گرفتار ڪرڻ بدران گهر روانو ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.