مورو(ن پ ا) مورو جي صحافي طالب حسين کوسو ۽ سندس معصوم پٽ طارق کوسو تي پنھنجي برادري جي ڪجهه ماڻھن شھر اندر حملو ڪري زخمي ڪري وڌو، جن کي تعلقي اسپتال مورو آندو ويو جتي کين طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو ۽ اھڙي اين سي مورو ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ صحافي طالب حسين کوسو ٻڌايو ته منھنجو پنھنجي برادري جي ماڻھن سان گھرو معاملي تان تڪرار هلندڙ آھي جنھن تان ھنن مون تي ۽ منھنجي پٽ تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو. ھن مطالبو ڪيو ته حملو ڪندڙن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.