سڊني(م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا جي سنگين صورتحال کانپوءِ آسٽريليا جي حڪومت ارت ۾ موجود پنهنجي شهرين جي ڏيهه واپسي تي پابندي هڻندي واپسي کي ڏوهه قرار ڏئي سزا جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ پرڏيهي ميڊيا موجب آسٽريليا جي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت ۾ موجود ان جي شهرين کي ڏيهه واپسي تي سزائون ڏنيون وينديون.ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڀارت ۾ موجود آسٽريلوي جيڪڏهن موٽندا ته انهن کي پنج سال جيل ۽ ڏنڊ جي سزا کي منهن ڏيڻو پوندو. آسٽريليا جي وزارت صحت موجب اهو فيصلو قرنطينه ۾ موجود ماڻهن جي شرح جي بنياد تي ڪيو ويو آهي،جيڪي ڀارت ۾ ڪورونا ۾ وٺجي چڪا آهن. ان کان اڳ هلندڙ هفتي آسٽريليا ڀارت مان اڏامن تي پڻ پابندي هڻي ڇڏي هئي. هڪ اندازي موجب آسٽريليا جا 9 هزار شهري هن وقت به ڀارت ۾ موجود آهن، جن مان 600 جي حالت خراب آهي. آسٽريلوي حڪومت موجب ان فيصلي تي 15 مئي تي ٻيهر غور ڪيو ويندو. هوڏانهن آسٽريليا جي طبي ماهرن حڪومت جي ان فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي چيو آهي ته سمنڊ پار ڀارت ۾ اسان جا ماڻهو مري رهيا آهن ۽ انهن جي ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ناهي، اها نهايت لاپرواهي آهي. ايتري تائين جو آسٽريلوي وزيراعظم جو بيان به سامهون آيو هو ته ڪرڪيٽر پنهنجي مرضي سان ڀارت ويا هئا، اهي واپسي جو انتظام به پاڻ ڪن، خاص اڏام نه هلائي ويندي.