ڀرياسٽي(ن پ ا ) ڀرياسٽي جي غالباڻي محلي ۾ رڪشا تيز هلائڻ کان روڪڻ تي جوابدارن مبينا حملو ڪري شڪيل ميمڻ ۽ شاهزيب کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو, جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کين طبي امداد ڏني وئي. ان سلسلي ۾ زخمي شڪيل ميمڻ ٻڌايو ته صدام کي رڪشا تيز هلائڻ تان منع ڪئي جنهن تان مڇرجي صدام ميمڻ، فهيم ميمڻ ۽ مشتاق لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آھي جڏھن ته ڀرياسٽي ٿاڻي تي ٽنهي جوابدارن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي آھي ڀرياسٽي پوليس موجب جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.