ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي سائيٽ جي هاري ڪئمپ جي رهواسڻ عورت 6 ٻارن جي ماء ايگنس مسيح سان زيادتي ڪندڙ جوابدار حمزه خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪري ڄامشورو جي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت گرفتار جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي ٽيليگراف پوليس حوالي ڪيو، ڪجھ ڏينهن پهريان ڪوٽڙي سائيٽ جي هاري ڪئمپ ۾ ٻن جوابدار پاران عورت ايگنس مسيح سان مبينا زيادتي ڪئي وئي هئي جنهن کانپوءِ ڪوٽڙي ٿاڻي تي ٻن جوابدار مٿان عورت سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ٽيليگراف پوليس پوسٽ انچارج عباس علي پنهور جي اڳواڻي ۾ کڏا ڪالوني ۾ ڇاپو هڻي عورت سان زيادتي واري ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار حمزه خاصخيلي کي گرفتار ڪري فرسٽ سول جج ون اياز احمد قريشي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتان عدالت جوابدار کي ٻن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. گرفتار جوابدار حمزه خاصخيلي ٻڌايو ته مون ايگنس مسيح سان ڪا به زيادتي نه ڪئي آهي، مون تي بي بنياد الزام هنيا ويا آهن، منهنجو هاري ڪئمپ ۾ دڪان آهي، ايگنس مسيح ۽ سندس مڙس تي 30 هزار رپيا قرض آهي، اهو قرض گهرڻ تان عورت ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، عدالت مان انصاف ضرور ملندو.