ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ميرپورخاص ڀرسان ڳوٺ غلام مصطفيٰ لاشاري لوهي موري ۾ هڪ مهينو اڳ مبينا قتل ڪيل نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ 14سالن جي شاگردياڻي امرو ڪولهي کي ڳجھه ڳوھ ۾ دفنائڻ وارو معامرو، جکراڙي ڀرسان قبرستان ۾ سول جج اينڊ جوڊيشنل مئجسٽريٽ عبدالقادر کوسو جي نگراني ۾ نينگري امرو ڪولهي جي قبر ڪشائي ڪئي وئي، جڏهن ته قبر ڪشائي ۾ جوڙيل ميڊيڪل بورڊ ۾ ڊاڪٽر وحيد ناهيو، ڊاڪٽر محمد راحيل خان، ڊاڪٽر عروج فاطمه ۽ ٻيا شامل ھئا، ٻي طرف نينگري جي والد ڌنجي ڪولهي ۽ سئوٽ ڪرشن ڪولهي ٻڌايو ته اسان جي نينگري امرو ڪولهي پاڻ خودڪشي ڪئي آھي، هن کي قتل ناهي ڪيو ويو، اسان جي غلطي اها آھي جو پوليس کي اطلاع نه ڪيو ۽ لاش دفن ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نينگري جي قبر ڪشائي بعد لاش جا ورتل جزا چڪاس لاءِ ليبارٽري موڪليا ويندا، جنهن بعد امرو ڪولهي جي موت جو ڪارڻ معلوم ٿي سگهندو.