ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ بلڊر جا 3 ڪروڙن جا بانڊ ڦر ڪندڙ 2 ڦورو سوگھا، اڍائي ڪروڙن جا بانڊ ھٿ، ان ڏس ۾ ايس آءِ يو پوليس تاج ڪامپليڪس بس اڏي تي ڪارروائي ڪري جوابدار نويد ۽ فرحان احمد کي گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي حيدر رضا موجب ٻئي جوابدار حيدرآباد فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا، جوابدارن اعتراف ڪيو ته هنن نعمان، عقيل، ايان ۽ نوشاد سان گڏجي بانڊ ڦر ڪيا. جوابدارن جي ٻين ساٿين ۾ اويس، فضل ۽ ريحان ۽ علي به شامل آھن، جوابدارن اسٽيٽ بينڪ ٻاھران ھڪ ڊاڪٽر کان 14 لکن جا بانڊ ۽ نيو ڪراچي مان رجني گٽڪا سان ڀريل گاڏي به ڦر ڪئي ھئي.