ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي ۾ هڪ ڏينهن اڳ علائقي خدا جي بستي ۾ شادي جي ڪاڄ دوران ٿيل ھوائي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب فوت ٿي ويل 8 ورهين جي نينگري ماهين راجپوت جي قتل جو ڪيس ڪوٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ماھين راجپوت کي خميس جي ڏينهن شادي ۾ ٿيل فائرنگ دوران مٿي ۾ گولي لڳي هئي، جنهن کان پوءِ هوءَ سخت زخمي ٿي، جيڪا حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي. ڪوٽڙي پوليس فوتي نينگري جي پيءُ جاويد راجپوت جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو، داخل ڪيل ڪيس بستي جي رهواسي جوابدار سليم جمالي تي قلم 322 لڳائي مٿس قتل جو الزام لڳايو ويو آهي. ڪيس ۾ مقتول نينگري جي والد فريادي موقف اختيار ڪيو آهي ته پاڙي ۾ جمالي برداري جي ڪاڄ ۾ ھوائي فائرنگ دوران سليم جمالي جي گولي منھنجي ڌي کي لڳي جنھن سبب ھو فوت وئي. ڪوٽڙي پوليس موجب ڪيس داخل ڪري معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.هوڏانهن ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڏيکاريل جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي.