جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد شريف ڪالوني ۾ ھڪ ڏينھن اڳ قتل ٿيل کدڙي فقير انيل ڪمار جا قاتل پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي، ھڪ ڏينھن گذرڻ باوجود کدڙي فقير جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته قتل ٿيل کدڙي فقير جون آخري رسمون سکر ۾ ادا ڪرڻ بعد سنڌو درياهه ۾ جل پروان ڪيو ويو، کدڙي فقير جي وارثن موجب ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، مقتول جا قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.