سيوھڻ (ن پ ا) پنج ڏينھن اڳ سيوھڻ ڀرسان ڳوٺ شھپات رند وٽ ٽرڪ ۽ ڪار وچ ۾ حادثو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت ۽ معصوم ٻارسيمت چار ڄڻا فوت ٿيڻ واري حادثي بعد سيوھڻ اسپتال جي فوتي ملازم ڊرائيور مسعود چانڊيو جي جھانگارا واسي ڀاءُ عرفان ولد اياز حسين چانڊيو جي فرياد تي ٻن ڄڻن ٽرڪ ڊرائيور عبدالجبار ۽ ڪلينر عبدالغفار ملاح ويٺل سيوھڻ جي ڳوٺ ڳڙھي واري واسي خلاف سيوھڻ ٿاڻي تي قلم 279.320. ۽ 427 پي پي سي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ايف آء آر ۾ ڄاڻايو آهي ته ڳوٺ شھپات رند جي موڙ وٽ ھڪ ٽرڪ ٽي ڪي اي 180 نمبر رانگ سائيڊ کان سيوھڻ طرف اچي رھي ھئي ۽ منھنجي ڀاءُ مسعود جي ڪار ڪلٽس سان ٽڪرائجي ان جي مٿان چڙھي وئي. پوءِ ٽرڪ ڊرائيور پاڻ سميت ٽرڪ کي بچائڻ لاءِ اڳتي پوئتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران اسان حادثي واري ھنڌ تي رڙيون ڪيون ۽ ڊرائيور کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ھو اسان کي ڌڪا ڏئي فرار ٿي ويو ۽ اسان پنھنجي ڀاءُ مسعود سوٽ عائزا ۽ معصوم آذان ۽ علي محمد باريجو جا لاش کڻائي اسپتال آياسين اسان جي ڀاءُ جي ڪار سان ٽرڪ ڊرائيور جي رانگ سائيڊ واري غلطي سبب حادثو پيش آيو جنھن ڪري چئن ماڻھن جو موت واقع ٿيو. ڪارروائي ڪئي وڃي.