گمبٽ (ن پ ا) گذريل ڏينهن بهارو ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڄام خان شيخ ۾ گھر اندر گھري جوابدارن هٿيارن جي زور تي مبينا طور 14 سالن جي نينگري بينظير خاتون شيخ کي اغوا ڪري اجتماعي زيادتي ڪندڙ ٽن جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد اڄ بهارو پوليس هڪ گرفتار جوابدار ڪامران ناريجو کي گمبٽ جي ٿرڊ سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار ڪامران ناريجو کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان پوليس ٻڌايو ته جوابدار ڪامران ناريجو کي عدالت ۾ پيش ڪيو آهي جيڪو 5 ڏينهن جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ٿيو آهي، ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، گرفتار جوابدار جا ميڊيڪل لاءِ جزا پڻ ورتا ويا آهن، جيڪي چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻيا آهن.