جهول(ن پ ا) گذريل سال 28 ڊسمبر تي جھول شهر لڳ ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل اڳوڻو ايس ايچ او سانگهڙ اشوڪ ڪمار زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، اشوڪ ڪمار ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ زير علاج هو جتي سندس اٺ آپريشن ٿيا هئا، حادثي ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي هئي. آخري رسمون سندس اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ ادا ڪيون وينديون.