ڦلجي اسٽيشن (ن پ ا) ڪوٽڙي ۾ ڊي سي آفيس ٻاهران ڪچري جي ڍير تي بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل 20 سالا نوجوان الله بخش کوکر جي تدفين ڦلجي ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ  دڙي خير محمد کوکر ۾ ٿي.سندس تڏو ڦلجي شھر جي نوراني مسجد عيدگاھ ۾ وڇايو ويو آهي، جتي سندس والد اي ايس آءِ مولابخش کوکر ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي نوڪري ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي تي آھي، مان ڳوٺ علاج جي موڪل تي آيل هئم جتي مونکي خبر پئي ته منهنجو پٽ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويو آھي ۽ مونکي معطل ڪيو ويو آھي. اڄ منهنجي پٽ جو ٽيجهو آھي ۽ اڄ شام چئن  بجي ايس ايس پي ڄامشوري آفيس ۾ انڪوائري رکيل آھي جتي وڃي پيش ٿيندس. منهنجو پٽ بي ڏوهي آھي سندس ڪنهن به تنظيم سان واسطو نه هئس.