ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار ڪنڌڪوٽ جي رپورٽر عمران علي کوسو کي قربان گولو پاران موتمار ڌمڪيون ڏيڻ بعد صحافين جي وفد  صدر پريس ڪلب علي حسن ملڪ، لياقت علي کوسو، بقا محمد بنگوار، راجا گوپي چند ۽ عمران علي کوسو ايس ايس پي ڪشمور سان ملاقات ڪري واقعي بابت آگاهه ڪيو. ايس ايس پي ايس ايچ او اي سيڪشن کي جلد ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اي سيڪشن ٿاڻي تي پنهنجي اخبار جي رپورٽر عمران کوسو جي فرياد تي قربان گولو ۽ سندس سجاد گولو تي ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس مک جوابدار قربان گولو کي گرفتار ڪري ورتو.هوڏانهن واقعي جي سياسي سماجي تنظيمن سميت وڪلا برادري ڊسٽرڪٽ بار صدر محسن علي پٺاڻ، جنرل سيڪريٽري آفتاب احمد پٺاڻ سميت ٻين واقعي جي مذمت ڪئي ۽ جوابدار جي گرفتاري جي گهر ڪئي آهي.