حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي فيز ون واري علائقي ۾ الخير مدرسي  جو شاگرد گٽر جي کليل مين هول ۾ ڪري زخمي ٿي پيو. علائقي واسين نينگر کي پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻاهر ڪڍي خانگي اسپتال مان ملم پٽي ڪرائي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته واسا ۽ ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي لاپرواهي سبب قاسم آباد ۾ گٽرن تي ڍڪڻ ناهن ڏنا ويا جنهن ڪري ڪنهن به وقت جاني نقصان جو انديشو رهي ٿو. هنن چيو ته گٽر جو ڍڪ نه هئڻ سبب نينگر ڪريو. جيڪڏهن علائقي واسي نه هجن ها ته نينگر خبر ناهي ڪهڙي حال ۾ هجي ها. هنن مطالبو ڪيو ته قاسم آباد ۾ کليل مين هولن تي ڍڪڻ لڳايا وڃن ٻي صورت ۾ هو ميونسپل عملي خلاف احتجاج ڪندا.