حيدرا آباد / ڪوٽڙي (نمائندا) ڪوٽڙي پل تان گذرندڙ نوجوان موٽر سائيڪل بيهاري سنڌوء ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪوٽڙي کان حیدرآباد ويندڙنوجوان لطيف آباد حيدرآباد واسي انٽر جي شاگرد اعجاز قريشي ولد سهيل ڪوٽڙي کان حيدرآباد ويندي پل جي وچ تي موٽرسائيڪل بيهاري سنڌوء ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي، واقعي جي اطلاع بعد پولیس پهچي موٽرسائیڪل کي تحویل وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ماڻهن جا انبوھ گڏ ٿي وڃڻ سبب پل تي گاڏين جي اچ وڃ بند ٿي وئي جنهن تي ڪوٽڙي پوليس پهچي ڪنٽرول ڪيو، ٻئي طرف 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود آخري اطلاعن تائين نوجوان جي لاش جي ڳولا جاري هئي پر لاش هٿ اچي نه سگهيو هو، پوليس ٽوٻن جو انتظار ۾ ويٺل رهي پر مقامي ملاحن پاران لاش جي ڳولا جاري هئي. وارثن موجب سندس خودڪشي جي ڪارڻ جي خبر ناهي البته محبت جو ڪو چڪر لڳي رهيو آهي، مائٽن موجب هو ناشتي جو سامان وٺڻ گهر کان ٻاهر ويو ته واپس نه موٽيو بعد ۾ سوشل ميڊيا تي سندس موٽر سائيڪل جي سڃاڻپ تي کين خبر پئي ته هن خودڪشي ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان والدين کي اڪيلو پٽ هو.