ٽنڊوآدم (ن پ ا ) ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ مٺو کوسو جي نئون واهه جو رھندڙ 4 ورهين جو معصوم ٻارڙو شاڪر علي ولد غلام مصطفي’ کوسو گهر ڀرسان وهندڙ واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو جنهن کي وارث تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم کڻي آيا جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا وارثن ٻڌايو ته گرمي سبب ٻارڙا ڳوٺ جي واٽر ڪورس ۾ وهنجي رهيا هئا ته هي ٻارڙو به واٽر ڪورس ۾ وهنجڻ لاءِ لٿو ته ٻڏي فوت ٿي ويو.