ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان ڳوٺ شاھنواز جوڻيجو ۾ 30 ورھين جي پرڻيل ناري افشانا زال عارب مڱڻھار گھر ۾ پيل جيت مار دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي. جنھن کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. جتي ڊاڪٽرن جي ڪوششن بعد سندس حياتي بچائي وئي. عورت جي وارثن ٻڌايو ته زال مڙس ۾ گھرو تڪرار بعد عورت مڙس کان ناراض ٿي اھڙو قدم کنيو. ھوڏانھن علاج بعد عورت کي گھر منتقل ڪيو ويو.