ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪي بي فيڊر ڪئنال ۾ غير معياري پاڻي ۽ صنعتي فضلو ڇڏڻ تي سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي نوٽيس ورتو، ان حوالي سان انوائرمينٽ پروٽيڪشن ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل نعيم احمد مغل ۽ ريجنل انچارج سيپا عمران علي عباسي ٽيڪنيڪل ٽيم سان گڏ ڪوٽڙي ۾ قائم ٽريٽمينٽ پلانٽ جو اوچتو دورو ڪيو ۽ پلانٽ جو ماحولياتي معائنو ڪيو. ان نوقعي تي انوائرمنٽ ايجنسي پاران ٽريٽيمنيٽ پلانٽ نه ھلڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو ۽ ڊي جي سيپا پاران ڪوٽڙي سائيٽ جي سمورن فيڪٽرين کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪي فيڪٽريون انوائرمينٽل ايڪٽ 2014 تحت ٽريٽمينٽ پلانٽ کانسواءِ ڪي بي فيڊر ۾ پاڻي خارج ڪن ٿيون، انهن کي فوري طور تي ايمرجنسي ڪلاس ڪي 3 تحت بند ڪيو ويندو. سيپا عملدارن جي دوري دوران ٽريٽمينٽ پلانٽ مئنيجمينٽ ڪميٽي پڻ موجود هئي.  ڊي جي سيپا ڪمبائنڊ ايفلوئنٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ مئنيجمينٽ ڪميٽي کي چيو ته توهان کي بار بار چيو ويو آهي ته سيپا ايڪٽ 2014 تحت ڪمبائن ايفلوئنٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ هلايو وڃي. ان حوالي سان ڪيترائي نوٽيس ڏيڻ ۽ ذاتي ٻڌڻين کان پوءِ به قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي ڊي جي سيپا جو چوڻ هو ته جن صنعتن ۽ ڪارخانن ۾ ٽريٽمينٽ پلانٽ نه لڳل آهن انهن کي ڪي بي فيڊر ۾ بغير ٽريٽمينٽ جي پاڻي ڇڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ انهن خلاف سيپا ايڪٽ تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ کين سخت ڏنڊ پڻ ڀوڳڻو پوندو.