ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ  هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي ڊرگ ڪورٽ ۾ 2 ميمبر مقرر ڪرڻ ۽ ڊرگ ڪورٽ کي قانون موجب فيصلو ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، ڪالهه دوائن جي غير قانوني وڪري ۾ ملوث ميڊيڪل اسٽور مالڪن جي ضمانت واري درخواست جي  ٻڌڻي دوران اسٽور مالڪن جي وڪيل محمد دائود ناريجو عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي، ڊرگ ڪورٽ جي چيئرمين ڪورم پورو نه ٿيڻ تي اسٽور مالڪن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي ھئي، جڏهن ته ڊرگ ڪورٽ جي چيئرمين کي درخواستون رد ڪرڻ جو اختيار ناهي، ڪورم پورو ڪرڻ لاء ٻن ميمبرن جي ضرورت آھي، عدالت سنڌ حڪومت کي ڊرگ ڪورٽ ۾ 3 ڏينهن اندر ميمبر مقرر ڪورم  پورو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، هاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڊرگ ڪورٽ ڪورم پورو ٿيڻ بعد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست تي قانون موجب فيصلو ڪري ،