حيدرآباد (بيورو رپورٽ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ حيدرآباد پهچي ريجن جي ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ٻين آفيسرن سان گڏجاڻي ڪئي. ڊي آءِ جي حيدرآباد جي آفيس ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد رينج جي ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ اسپيشل برانچ جي ايس ايس پيز شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ آفيسرن کي حڪم ڏنو ته منشيات، گٽڪي، ماوي ۽ ٻي منشيات جي واهپي کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. آءِ جي سنڌ کي ريجن ۾ منشيات جي واهپي کي روڪڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري سميت امن امان بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آءِ جي سنڌ کي جاچ شعبي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن بابت به آگاهي ڏني وئي. آءِ جي سنڌ چيو ته جاچ جي شعبي کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مختلف نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث گرفتار جوابدارن کي مثالي سزائون ڏيارڻ ۾ جاچ شعبي جو انتهائي اهم ڪردار هجي ٿو ان ڪري ان شعبي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ مختلف منصوبن سان لاڳاپيل چائنا جي ماهرن ۽ رهواسين جي سيڪيورٽي لاءِ کنيل قدمن جو به جائزو ورتو ويو. آءِ جي سنڌ حڪم ڏنو ته مختلف منصوبن تي ڪم ڪندڙ غير ملڪي ماهرن ۽ رهواسين جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وڃي ته جيئن هو پنهنجا منصوبا وقت سر مڪمل ڪري سگهن. هن چيو ته معاشري ۾ ڏوهن ۾ واڌ منشيات جي اڏن سبب ٿئي ٿي ان ڪري منشيات، گٽڪي ۽ ماوي خلاف ڪامياب ايڪشن ذريعي ملوث عناصر جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته سنڌ پوليس جو هدف معاشري مان ڏوهن جو خاتمو آڻڻ آهي.