راڻيپور (رپورٽ: رضا راڄپر ) بيباڪ صوفي بزرگ، هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي روضي کي هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا، تازين برساتن سبب مينار روضي کان ڌار ٿي ويا، ڪنهن به وقت وڏي نقصان جو خدشو ظاهر، سچل جو باغ، مسافرخانو، اسپتال نمائش ۽ ملاکڙا گرائونڊ اکڙي اجڙي ويا، ڪروڙين رپين جا ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا. ان حوالي سان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب گذريل اڍائي صدين کان درگاھ سچل جو خاطرخواهه مرمتي ڪم نه ٿيڻ سبب سچل سرمست جو مقبرو انتهائي زبون ٿي چڪوآهي. سال 2010 ۽ ان بعد 2022 جي برساتن مقبري کي ويتر زبون ڪري ڇڏيو آهي. برسات سبب روضي کي هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا آهن.  سچل سرمست جي درگاھ جي سارسنڀال لاءِ جوڙيل سچل يادگار ڪاميٽي غيرفعال بڻيل آهي. يادگار ڪاميٽي ميلي جي چند ڏينهن بعد غيرسرگرم هوندي آهي. سچل سرمست جي تاريخي مقبري جي مرمت نه ٿيڻ سبب مينار اصل جڳهه کان هٽي روضي کان ڌار ٿي ويا آهن. روضي کي هنڌان هنڌان ڏار پئجي ويا آهن. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاھ جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان  ريسٽ هائوس، سچل جو باغ، ملاکڙا گرائونڊ، نمائش جي چوديواري، اسڪول ۽ اسپتال جي تعمير لاءِ ڪروڙين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا ان جي باوجود ڪجهه عرصي بعد ڄاڻايل ترقياتي ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويا. زائرين جي سهولت لاءِ  هڪ ڪروڙ جا 8 واش روم ٺاهيا ويا جيڪي پڻ مڪمل نه ٿي سگهيا آهن. زائرين جي آرامگاھ لاءِ 1988 ۾ مسافر خانو ۽ ريسٽ هائوس تي ڪروڙين رپيا خرچ ڄاڻائڻ باوجود ڄاڻايل منصوبا رولڙي ۾ پيل آهن. سچل ڪامپليڪس جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ سبب ان ۾ گاھ ڦٽي پيو آهي. سچل سرمست جي روضي تي ڪاشيءَ جون سرون پڻ ڀڄي ڀري رهيون آهن. اوقاف کاتي ۽ سچل يادگار ڪاميٽي درگاهه جي ٻيهر مرمت لاءِ ڪابه عملي اڳڀرائي نه ڪئي آهي. زائرين خدشو ظاهر ڪيو آته درگاھ سچل سرمست جي فوري طور مرمت نه ٿي ته ڪنهن به وقت ڪو وڏو انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو.