ڪوٽڏيجي ڀرسان هندو نينگري 3 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ

0
198

ڪوٽڏيجي(ن پ ا) ڪوٽڏيجي ڀرسان 15 ورهين جي هندو نينگري 3 ڏينهن کان پراسرار نموني گم، اغوا جو شڪ، احتجاج، ميگهواڙ برادري پاران نينگري جي مبينا اغوا خلاف پريس ڪلب ڪوٽڏيجي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي، سندن چوڻ آهي ته ڪافي عرصي کان ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ ٽنڊو شاهه جي رهواسڻ منيشا ميگهواڙ خيرپور کجور منڊي ۾ ڪم ڪندي هئي، جيڪا 3 ڏينهن کان لاپتا آھي، نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نياڻي کي فيڪٽري مئنيجر شاهد ميمڻ اغوا ڪري ويو آھي، خيرپور ۽ ڪوٽڏيجي پوليس کيس بازياب ڪرائي.