پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 21 مريض فوت

0
171
پاڪستان ۾ ڪورونا

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 21 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 2607 نوان ڪيسز به سامهون آيا آهن، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 هزار 816 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2607 ماڻهن ۾ وارئس جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته وائرس سان 21 ماڻهو فوت ٿي ويا، سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جي مثب ڪيسز جي شرح 5.34 سيڪڙو رهي، فوتين جو انگ 22 هزار 781 ۽ مجموعي ڪيسز 9 لک 89 هزار 275 تائين پهچي ويو آهي، هن کان علاوه 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 834 مريض ڪورونا کان صحتياب ٿي ويا، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيندڙ جو تعداد 9 لک 19 هزار 163 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسز جو تعداد 47331 ٿي ويو.