پشاور ۾ پوليس اهلڪار جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس اھلڪار مارجي ويا

0
184

پشاور(بيورو رپورٽ) پشاور جي ٿاڻي شاهه پور جي حد ۾ قرنطينه سينٽر دوران پور ۾ ڊيوٽي تي مقرر پوليس اهلڪار عباس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ سب انسپيڪٽر گل رحمان ۽ ڪانسٽيل عمران مارجي ويا، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي ڪانسٽيبل عباس کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس اھلڪار جي فائرنگ 2 پوليس اھلڪار مارجي ويا آھن، واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي.