پيپلز پارٽي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
228

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پيپلز پارٽي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، نيئر بخاري چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ کي مبينا طور اغوا ڪرڻ انتهائي حساس معاملو آهي، حڪومت جاچ ڪري حقيقتون سامهون آڻي ، جڏھن تھ ھڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري بھ وفاقي گھرو وزير شيخ رشيد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تھ واقعي تي افسوس آھي، شيخ رشيد کي ھن اھم معاملي تي استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي.