اسلام آباد ۾ افغان سفير نجيب الله علي خيل جي ڌيءَ جي مبينا اغوا ۽ تشدد واري واقعي جي جاچ جاري

0
192

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ افغان سفير نجيب الله علي خيل جي ڌيءَ جي مبينا اغوا ۽ تشدد واري واقعي جي جاچ جاري آھي، وزير اعظم عمران خان واقعي جو نوٽيس ورتو، 48 ڪلاڪن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته افغان سفير جي ڌيءَ جي اغوا واقعي ۾ 2 ٽئڪسيز استعمال ٿيون، هڪ ٽئڪسي ڊرائيور تائين پهچي ويا آهيون، افغان سفير جي ڌيءَ درخواست ڏيندي ته ٻئي ٽئڪسي ڊرائيور کي به گرفتار ڪري وٺنداسين.