ڪورونا وئڪسين سرٽيفڪيٽ بنا مال پڙين، هوٽلز، ريسٽورنٽ ۽ مسافر بسن ۾ انٽري بند

0
213

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ واڌ بعد ڪراچي جَي ڪورنگي ضلعي جي مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيوويو آھي، نوٽيفڪيشن موجب، ڪورنگي جي 3 يوسيز ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو، ڪورونا وئڪسين سرٽيفڪيٽ بنا مال پڙين، هوٽلز، ريسٽورنٽ ۽ مسافر بسن ۾ انٽري بند ڪئي وئي آھي، سنڌ جي مختلف شھرن ۾ لڳايل مال پڙين ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.