ٽوڪيو (انٽرسٽنگ نيوز): جاپاني عوام کي احساس ٿي ويو آهي ته ڪووڊ 19 ۾ مسلسل منهن ڍڪڻ ۽ ان ڇڪتاڻ مان گذرڻ کانپوءِ طبيعت ناساز ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي معمول تي اچڻ لاءِ باقاعده طور تي ٻيهر مسڪرائڻ سکي رهيا آهن، ان لاءِ جاپاني عوام ”سند يافته مسڪراهٽ جي ماهرن“ سان رابطو ڪيو آهي، جيڪي ڪجهه رقم وٺي ڪري انهن کي مسڪرائڻ سيکاري رهيا آهن، ان جو سبب اهو آهي ته جاپاني شهري پنهنجي مسڪراهٽ، تهذيب ۽ خوش اخلاقي بابت تمام گهڻو فڪرمند رهندا آهن، هاڻي جيئن ته ڪووڊ جي عالمي وبا کي باضابطه طور ختم قرار ڏنو ويو آهي، ته جاپان ۾ ”مسڪرائڻ جي استاد“ جي طلب ۾ به اضافو ٿيو آهي، ڪجهه ماڻهن چيو آهي ته ڪووڊ سبب اهي ڪجهه ڏينهن تائين ماسڪ پائڻ تي مجبور رهيا پر هاڻي صحت جي عالمي اداري طرفان ڪووڊ وبا جي خاتمي جي اعلان بعد ٻيهر معمول طرف وڃي رهيا آهيون. جڏهن ته اڪثر ماڻهن اعتراف ڪيو آهي ته انهن کان مسڪرائڻ وسري ويو آهي. ماهر هينئر تائين 4000 ماڻهن کي کلڻ ۽ مسڪرائڻ جي تربيت ڏئي چڪا آهن.