ڀان سيدآباد (رپورٽ: آصف ميمڻ) ڀان سيدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير مهر ۾ 6 ڏينهن اڳ قتل ڄاڻايل ناري پرائمري ٽيچر نوين فاطمه عرف نورين مھر قتل ڪيس ۾ پوليس اهم اڳڀرائي ڪئي آهي. جوابدار جاچ دوران  پوليس آڏو قتل جو اعتراف ڪيو آهي. پوليس ناري جي چاچي جمعون خان مھر کي گرفتار ڪري گرفتار جوابدارن کي اڄ سومر ڏهاڙي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ وٺندي ۽ جاچ جو دائرو وڌايو ويندو. ايس ايس پي ڄامشورو ڊاڪٽر فرخ رضا ڀان سيدآباد ٿاڻي تي پهچي ڪيس جو جائزو وٺي جاچ آفيسر کان جاچ بابت معلومات ورتي. ايس ايس پي ڄامشورو ڊاڪٽر فرخ رضا ٻڌايو ته نورين مهر قتل ڪيس ۾ پوليس جي جاچ دوران جوابدار محسن مهر نورين مهر کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سومر ڏهاڙي جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو ويندو. ناري جي قتل ۾ استعمال ٿيل پستول سندس چاچي جمعون خان مهر جو نڪتو آهي کيس حراست ۾ وٺي 302 قتل ڪيس ۾ کيس شامل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.