نيويارڪ (انٽرسٽنگ نيوز): آمريڪا ڄائي فرانسيسي مجسمه ساز ۽ فنڪاره طرفان تانيئڙي جو هڪ وڏو مجسمو 3 ڪروڙ 28 لک ڊالرز ۾ وڪرو ٿيو آهي، پاڪستاني رقم ۾ اها ماليت 9 ارب 34 ڪروڙ رپيا بڻجي ٿي، وڪرو ٿيندڙ شاهڪار لوئيس جوزفائن بورزوا 1996ع ۾ بڻايو هيو، عورت فنڪاره مسلسل ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين غير معمولي وڏا اسڪلپچر بڻايا آهن، جيڪي سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيا، اسپائيڊر نالي هي مجسمو 10 فوٽ وڏو آهي ۽ ٽامي سان ٺاهيو ويو آهي، واضح رهي ته اڳڪٿي ڪئي وئي هئي ته شايد اهو فن پارو 4 ڪروڙ ڊالرز تائين ۾ وڪرو ٿيندو پر ان کان ڪجهه گهٽ رقم ۾ خريد ڪيو ويو آهي، جڏهن ته نيويارڪ ۾ وڪرو ٿيندڙ مجسمو لوئيس جو سڀ کان مهانگو وڪرو ٿيندڙ شاهڪار به آهي، جيتوڻيڪ لوئيس اهڙا ڪيترائي تانيئڙا ٺاهيا هئا پر انهن مان چار وڪرو يا نيلام ٿيا آهن. لوئيس بورزوا 2010ع ۾ 98 سال جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي هئي، سڄي دنيا ۾ اعليٰ ترين گيلرين ۾ سندس نوادرات موجود آهن، جن ۾ پيٽنگ ۽ مجسما به شامل آهن.