نئين دهلي (انٽرسٽنگ نيوز): ڀارت جي اتر اوڀارين رياست آسام ۾ پوليس فورس وڌيڪ وزن وارن آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي عوامي اعتماد جي بحالي لاءِ يا ته پنهنجو وزن گهٽائين يا وري رٽائر ٿي وڃن، عالمي ميڊيا جي رپورٽس موجب پوليس آفيسرن جي فٽنس مشن جي ڪاميابي جي لاءِ آسام پوليس آفيسرن کي مخصوص ڊيڊ لائن ڏني هئي، آسام جي ڊائريڪٽر جنرل آف پوليس جي پي سنگهه اعلان ڪيو هيو ته سمورن آفيسرن جو باڊي ماس انڊيڪس پيشيوراڻي طور تي رڪارڊ ڪيو ويندو، هن چيو ته جن جو وڌيڪ وزن طبي سببن بابت آهي، انهن کي ان هدايت کان ڇوٽ آهي، 60 هزار جي لڳ ڀڳ پوليس جي موٽن آفيسرن کي سنهو ٿيڻ يا رضاڪاراڻا طور تي رٽائر ٿيڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت ڏنو ويو آهي، هدايت جو مقصد پوليس فورس کي بهتر بڻائڻ آهي،

واضح رهي ته 2020 ۾ ڀارتي پنجاب جي هڪ عدالت وڌيڪ وزن وارن پوليس اهلڪارن کي غير قانوني واپارين ۽ منشيات فروشن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو هيو، ڇو ته اهي فرنٽ لائن ڊيوٽي جي لاءِ تيزي سان ڀڄڻ ۾ ناڪام رهندا آهن.