ڪورونا ۾ مبتلا پاڪستاني اداڪاره وينٽي ليٽر تي منتقل

0
426

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي سينيئر اداڪاره بشريٰ انصاري جي ڀيڻ ۽ اداڪاره سنبل شاهد کي ڪورونا جي ڪري وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو آهي، انسٽا گرام تي اداڪاره جي ڀيڻ اسماءَ عباس سنبل شاهد سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪندي مداحن کي ان جي حالت ڳڻتي جوڳي جو اطلاع ڏنو ۽ پوسٽ ۾ لکيو ته منهنجي پياري ڀيڻ وينٽي ليٽر تي آهي، براءِ مهرباني ان جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪيو، اسماءَ عباس جي پوسٽ تي شوبز ستارن جي طرفان اداڪاره جي جلد صحتيابي لاءِ دعائون ڪيون پيون وڃن، هن کان اڳ بشريٰ انصاري پنهنجي ڀيڻ بابت ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جو اطلاع ڏنو ويو هو.