پٽن شبير حيدر ۽ ڊاڪٽر علي حيدر توڙي ڌيءَ شاهده خاتون سان ڪو به ٺاهه ناهي ڪيو:غوث علي شاهه

0
623

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) رمضان جَي ڀلاري مهيني ۾ والدين کي پرچايو ويندو آهي، منهنجي پُٽ علي حيدر وري اسان تي ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، سنڌ جَي اڳوڻي وڏي وزير غوث علي شاهه وڏي زال جي اولاد سان ٺاهه جي ترديد ڪري ڇڏي، ٺاهه واريون ڳالهيون افواهه قرار، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران غوث علي شاهه چيو آهي ته وڏي زال جي پُٽن مون کي، ننڍي زال ۽ ننڍي پُٽ سيد صفدر حيدر شاهه کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو، وڏي زال جي پُٽن، ڌيئرن، پوٽن ۽ ڌيءَ شاهده خاتون سان لاتعلقي ظاهر ڪري چڪو آهيان، پُٽن خلاف قتل جي سازش جو هڪ ڪيس داخل ڪيو هو، پُٽن وري مون تي 3 ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا، مونکي، ننڍي زال ۽ ننڍي پُٽ کي قتل جو خدشو آهي، سنڌ سرڪار طرفان مليل سيڪيورٽي مان مطمئن آهيان.