قمبر:ٽريڪٽر تان مبينا ڪري فوت ٿيل پورھيت ٻن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل

0
413

قمبر (ن پ ا) قمبر لاڙڪاڻو روڊ تي شاهه حسن جي لاڙي ڀرسان ٽريڪٽر تان مبينا پوليس جي تشدد سبب ڪري فوت ٿي ويل پورھيت تنوير جتوئي جو ڪيس قمبر جي سٽي ٿاڻي تي فوتي پورهيت جي مامي خالد علي جتوئي جي فرياد تي ٽريفڪ پوليس جي جمعدار بشير احمد سولنگي ۽ سپاھي زاھد حسين رند مٿان داخل ڪرايو ويو آھي جنهن ۾ ھن ڄاڻايو آھي ته اسان ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٻيڙو چانڊيو کان سرون کڻي بھرام وڃي رھيا ھئا سين ته مٿين ٽريفڪ عملدارن رشوت ڏيڻ لاءِ روڪيندي فوتي کي ڪالر کان وٺي ھيٺ ڇڪيو ته هو ڪري پيو ۽ مٿس سرن سان ڀريل ٽرالي چڙهي وئي جنهن سبب ھو چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏھن تہ اھڙي واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدار ٽريفڪ عملدار فرار ٿي ويا آهن.