سنڌ جي 27 ورسٽين ۾ استادن ۽ ملازمن کي ملندڙ 16 الائونس ختم: استادن پاران تحريڪ جو چتاءُ

0
35
سنڌ جي 27 ورسٽين ۾ استادن ۽ ملازمن کي ملندڙ 16 الائونس ختم: استادن پاران تحريڪ جو چتاءُ
سنڌ جي 27 ورسٽين ۾ استادن ۽ ملازمن کي ملندڙ 16 الائونس ختم: استادن پاران تحريڪ جو چتاءُ

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ سرڪار پاران آءِ بي اي ڪراچي سميت  پرڳڻي جي 27 يونيورسٽين جي پروفيسرن، آفيسرن ۽ ملازمن کي ملندڙ هيلٿ پروفيشنل الائونس، ڪمپيوٽر الائونس، ٽيڪنيڪل الائونس، ٽيچنگ الائونس، عيد الائونس سميت 16 قِسمن جا الائونس غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيا، يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي سينڊيڪيٽ اجلاس گھرائي هنگامي بنيادن تي الائونس ختم ڪرڻ جي هدايت

يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي پاران هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي وئي.فپسوا پاران حڪومتي فيصلي جي مخالفت، تحريڪ جو چتاءُ ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي سمورين سرڪاري يونيورسٽين ۾ پيدا ٿيل مالي بحرانن کي ختم ڪرڻ  لاءِ سنڌ حڪومت پاران آءِ بي اي ڪراچي سميت سمورين يونيورسٽين جي ملازمن کي ملندڙ آرڊرلي الائونس، ان سروس ليو انڪيشمينٽ الائونس، عيد الائونس، ڊائريڪٽر شِپ/ چيئرمين شِپ الائونس، ڪمپيوٽر الائونس، ڊين شِپ الائونس، ٽيڪنيڪل الائونس، ٽيچنگ الائونس، هيلٿ پروفيشنل الائونس، بيسڪ ميڊيڪل اسٽڊيز الائونس، ٽيليفون اٽينڊنٽ الائونس، بيلدار الائونس، مالهي الائونس، ڪڪ (بورچي) الائونس، سيڪيورٽي گارڊ الائونس ۽ سينيٽيشن الائونس فوري طور تي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ يونيورسٽيز کاتي پاران سمورين مادرعلمين  جي وائيس چانسلرن کي خط لکي کين سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته يونيورسٽين جي سينڊيڪيٽ جا اجلاس گھرائي ڄاڻايل الائونس ختم ڪيا وڃن

خط ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان يونيورسٽين پاران ڏنا ويندڙ اهي الائونس غيرقانوني آهن،  انهن جي ڪنهن به لاڳاپيل فورم تان منظوري به ناهي ورتي وئي. مالي بحران جي خاتمي لاءِ اهي الائونس ختم ڪيا وڃن، ٻئي طرف سنڌ جي مادرعلمين  جي استادن جي گڏيل اتحاد فپسوا جي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانه ملاح ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سرڪار ٻين سمورن ملازمن کي الائونس ڏئي پئي، رڳو يونيورسٽيز جا الائونس بند ڪيا پيا وڃن، يونيورسٽين  ۾ ڪم ڪندڙن کي ملازم تسليم نه پيو ڪيو وڃي؟ هن چيو ته يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جو اهو فيصلو غلط آهي، يونيورسٽيز جا سينڊيڪيٽ اهي الائونس ختم ڪرڻ جي منظوري نه ڏيندا، استادن  پاران مزاحمت ڪئي ويندي ، هن چيو ته يونيورسٽيز مالي گھوٽالي جو شڪار ڄاڻائي الائونس بند ڪيا پيا وڃن، اهِڙي صورت ۾ ٻڌايو وڃي ته حڪومت قرض تي هلندڙ سڀ ادارا بند ڪري ڇڏيا آهن؟

ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي استادن جي اڳواڻ پروفيسر  امر سنڌو ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته 2018ع کان وٺي جهڙي ريت يونيورسٽين جي بجيٽ گھٽائڻ کان وٺي اهڙيون پاليسيون جوڙيون ويون، جنهن مان اندازو ٿيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جو پبلڪ يونيورسٽين جي تعليم سان ڪا دلچسپي ناهي، ڇاڪاڻ ته اتي غريبن جا ٻار پڙهن ٿا،غلط فيصلا ڪري  اتان جي استادن کي مايوس ڪيو پيو وڃي، جيئن اهي خانگي يونيورسٽين ڏانهن وڃن هن چيو ته 19هين گريڊ جا سرڪاري آفيسر ڪيترا الائونس وٺن ٿا؟ ، ڪاليج توڙي يونيورسٽين جي 19هين گريڊ جي استادن کي ڪيترا الائونس ملن ٿا؟ انهن جي ڀيٽ ڪئي وڃي. هن چيو ته يونيورسٽين جا استاد الائونس بند ڪرڻ وارو فيصلو قبول نه ڪندا، ، ممڪن آهي ته ڪا وڏي تحريڪ هلي

هوڏانهن ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر اسماعيل ڪنڀر ”پنهنجي اخبار“ سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ پاسي يونيورسٽين جي استادن جون پگھارون نه پيون وڌايون وڃن، ويتر سندن الائونس به بند ڪيا پيا وڃن، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار وٽ پئسا ناهن ته پوءِ نوان ڪيمپس ڪيئن قائم ڪيا پيا وڃن؟ رڳو من پسند ماڻهن کي يونيورسٽين جو وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ لاءِ نون ڪئمپسن تي زور ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پراڻين يونيورسٽين جي استادن ۽ عملي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ گھرجي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جو فيصلو عجيب مذاق آهي. جنهن کي قبول نه ڪيو ويندو.