اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ اندر  عام چونڊن ۾ ٿيل مبينا ڌانڌلي بابت 300 صفحن تي ٻڌل وائيٽ پيپر جاري ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ  ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو به ڪيو آھي، پي ٽي آءِ اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته چاهيون ٿا چونڊ سڌارا آندا وڃن ته جيئن اڳتي ڪو به ڌانڌلي نه ڪري سگهي، عدالتي ڪميشن جوڙي جاچ ڪرائي وڃي ته پي ٽي آءِ کي ڪيئن هارايو ويو؟ عوام جي نوٽيس ۾ آڻڻ گهرون ٿا ته پي ٽي آءِ کان ڪيئن مئنڊيٽ ڦُريو ويو،  اسلام آباد ۾  تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيريسٽر گوهر خان، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب، سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز ۽ ٻين گڏ پريس ڪانفرنس ڪئي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته چونڊ مهم دوران  اسان کي هر طرف کان روڪيو ويو ، اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا ويا، چونڊ نشان کسيو ويو،  چونڊ جا فارم 45 موجب نتيجا قبول نه ڪيا ويا، فارم 47 ٺاهي اسان جي فتح کي شڪست ۾ تبديل ڪيو ويو، چونڊن ۾ 180 سيٽون کنيون آهن، ڌانڌلي خلاف 158پٽيشنون داخل ڪري چڪا آهيون، ڌانڌلي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي، عمر ايوب ڳالهائيندي چيو ته عام  چونڊن جي ٻئي ڏينهن تي فارم 47 ذريعي نتيجن ۾ تبديلي ڪئي وئي، اسان جي مخالف اميدوارن جي 100 ووٽ کي هڪ هزار ووٽ ڪيو ويو ، چيف اليڪشن ڪمشنر عهدي تان استعفي ڏئي، شبلي فراز چيو ته اسان جي اميدوارن کان نامزدگي فارم کسيا ويا، اسان مختلف چونڊ نشانن تي چونڊ وڙهياسين، اسان جو مطالبو آھي ته فارم 45 جا نتيجا تسليم ڪيا وڃن.