اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ناڻي واري وزير شوڪت ترين هلندڙ مالي سال21-2020ع جو اقتصادي جائزو پيش ڪندي ڪورونا وبا سبب ملڪ اندر 2 ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿيڻ ۽ ملڪ مٿان قرضن ۾ 3 هزار ارب رپين جو اضافو ٿيڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي، نئين بجيٽ ۾ بجلي جون قيمتون نه وڌنديون ۽ نه ئي انڪم ٽيڪس ڏيندڙن مٿان اضافي بار وجهنداسين، پگهاردار طبقي توڙي پينشنرن تي به ڪو به اضافي بار نه وڌو ويندو، بجيٽ ۾ زراعت ۽ غريب ماڻهو پهرين ترجيح هوندا، خساري ۾ هلندڙ ادارن جا بورڊ ٺاهي 26 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪري نجڪاري ڪنداسين، سال21-2020ع جي اقتصادي سروي رپورٽ جاري ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪورونا سبب ملڪ اندر ٻه ڪروڙ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا، ڪورونا کان پهرين 5 ڪروڙ 57 لک 40 هزار ماڻهو روزگار سان هئا، جن جو تعداد گهٽ ٿي 3 ڪروڙ 50 لک 40 هزار ٿيو آهي، بيروزگارن جي انگ ۾ 2 ڪروڙ 7 لکن جو اضافو ٿيو. حڪومتي پاليسين سبب برسر روزگار ماڻهن جو تعداد آڪٽوبر 2020ع تائين ٻيهر 5 ڪروڙ 25 لک 61 هزار ٿيو پر بيروزگار ٿيل 31 لک 80 هزار ماڻهن کي اڃا تائين روزگار ملي ناهي سگهيو، هن چيو ته وياج جي شرح ۾ اضافي سبب ملڪي قرضن ۾ 3 هزار ارب جو اضافو ٿيو، جي ڊي پي گروٿ 3.94 سيڪڙو، زرعي شعبي جي گروٿ 2.8 سيڪڙو، صنعتي شعبي جي گروٿ 3.6 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي جي گروٿ 4.4 سيڪڙو رهي. وڏين صنعتن جي پيداواري گروٿ 9 سيڪڙو ، کاڻين جي کوٽائي جي شعبي ۾ گروٿ 6.5 سيڪڙو، بجلي ۽ گيس شعبي ۾ گروٿ 23 سيڪڙو گهٽ رهي. ڪپهه جي پيداوار مقرر هدف 91 لک 48 هزار ڳٺڙين جي مقابلي ۾ 70 لک 64 هزار ڳٺڙيون رهي، ڪپهه جي فصل ۾ 22.8 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. چڻن جي پيداوار ۾ 47.6 سيڪڙو، مرچن جي پيداوار ۾ 26.7 سيڪڙو، بصرن جي پيداوار ۾1.1 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هن چيو ته مالي سال دوران خريف جي فصلن لاءِ پاڻي جي دستيابي ۾ به گهٽتائي ٿي، حڪومتي خرچن ۾ 4.2 سيڪڙو اضافو ٿيو، جولاءِ 2020ع کان مارچ 2021ع تائين 6644.6 ارب رپين جا خرچ ٿيا، گذريل سال اهي خرچ 60376 ارب هئا، مالياتي خسارو 8.1 سيڪڙو تي پهتو، مارچ تائين ٽيڪس وصولين ۾ 6.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪي مالي سال جي آخر تائين 4992.6 تائين ٿي وينديون، نان ٽيڪس روينيو آمدني ۾ 7.3 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، هلندڙ سال اها 1227.6 ارب رهندي جڏهن ته گذريل سال 1324.4 ارب رپيا هئي. هن چيو ته هلندڙ سال مارچ تائين مالياتي خسارو جي ڊي پي جي 3.8 سيڪڙو تي پهتو، 9 مهينن دوران ملڪ مٿان مجموعي طور قرض 38 هزار 6 ارب ٿي ويو، اندروني قرض 25552 ارب ۽ بيروني قرض 12554 ارب آهن. ملڪ مٿان قرض جي ڊي پي جي 84 سيڪڙو کان وڌي 2020ع ۾ 97 سيڪڙو تائين پهچي ويا، هلندڙ سال دوران قرضن ۾ 13 سيڪڙو اضافو ٿيو. سمنڊ پار پاڪستانين 29 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا، ان رقم کي الله تعاليٰ فرشتو بڻائي اسان وٽ موڪليو، جنهن ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 10 مهينن کان سرپلس ۾ آهي، اسٽيٽ بينڪ وٽ مٽا سٽا جي ناڻي جا ذخيرا 16 ارب تائين پهچي ويا. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران 47 سئو ارب جي ٽيڪس وصولين جو هدف حاصل ڪري وٺنداسين، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ هڪ ارب ڊالر آيا، هن چيو ته پاڪستان ڪڻڪ، گيهه، داليون پرڏيهه مان امپورٽ ڪري رهيو آهي، انهن شين جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي واڌ سان اسان مٿان به اثر پوندا، هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ 58 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان رڳو 20 سيڪڙو وڌايون، عالمي مارڪيٽ ۾ پام آئل جي قيمتن ۾ 102 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسان 20 سيڪڙو اضافو ڪيو، ڪڻڪ جي قيمتن ۾ دنيا اندر 29 سيڪڙو واڌ ٿي، اسان وٽ به اوتريون ئي قيمتون وڌيون، تيل جي قيمتن ۾ 32 سيڪڙو واڌ ڪئي، چانهن جي قيمتن ۾ دنيا اندر ساڍا 8 سيڪڙو واڌ ٿي اسان قيمتون نه وڌايون، قيمتن ۾ اضافي جو اثر عام ماڻهن تي پئجي رهيو آهي، ان جو حل رڳو زرعي پيداوار وڌائڻ آهي، جنهن ڪري ايندڙ بجيٽ ۾ زراعت کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون. ايندڙ بجيٽ ۾ غريب ماڻهو پهرين ترجيح هوندا. هن چيو ته سمال انڊسٽري جو تعداد 80 لک تائين آهي پر انهن مان رڳو 80 هزار ننڍين صنعتن کي قرض ملي ٿو، 75 سيڪڙو قرض ڪارپوريٽ سيڪٽر، ايس ايم ايز کي رڳو 6 سيڪڙو، 9 شهرن ۾ 85 سيڪڙو قرض ملي ٿو باقي علائقن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ هن چيو ته آءِ ايم ايف جو دٻاءُ آهي ته بجلي جون قيمتون وڌايون وڃن پر وزيراعظم چيو بلڪل نه وڌائينداسين، بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنين ۾ انڊپينڊنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪري انهن جي نجڪاري ڪنداسين، هن چيو ته 2023ع تائين بجلي جي لڳايل ڪارخانن کي ڪيپيسٽي چارج جي مد ۾ هر سال 15 سئو ارب رپيا ادا ڪرڻا پون ٿا، گردشي قرض جي حوالي سان لاسز به مسئلو آهن، اهي گهٽجي نه سگهيا آهن بجلي اگهه وڌائڻ سان صنعتون متاثر ٿينديون ۽ اهي مقابلو نه ڪري سگهنديون، غريب کي ڪيترو به تحفظ ڏيون بجلي جي قيمتن وڌڻ سان غريب انڊائريڪٽ متاثر ٿيندا ۽ انهن مٿان انڊائريڪٽ ٽيڪس لڳندو. آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، آءِ ايم ايف ۽ اسان جي منزل هڪ آهي، انڪم ٽيڪس ادا ڪندڙن مٿان وڌيڪ انڪم ٽيڪس نه لڳايو ويندو. غريب ۽ پگهاردار طبقي تي به وڌيڪ بار نه وجهنداسين، گردشي قرض گهٽ ڪنداسين، هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهايو ويندو، 13 سئو ارب رپين جي کوٽ ٿيندي جن جي پورائي لاءِ ڪوششون ڪيون وينديون، پينشرن تي به ٽيڪس نه لاڳو ڪيو ويندو. اسان کي جي ڊي پي گروٿ 7 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 30 سالن کان جيڪا حڪومت اچي ٿي اها نجڪاري جو اعلان ڪري ٿي پر ادارن جي نجڪاري نه ٿي ٿي سگهي، بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپنيون، پي آءِ اي، ريلوي سميت ڪيترائي ادارا خساري ۾ آهن، اسان ماهرن جا بورڊ ٺاهينداسين، خساري ۾ هلندڙ ادارن کي وزارتن جي ماتحتي مان ڪڍي کين مڪمل خودمختيار بڻائينداسين، ان کان پوءِ انهن جي نجڪاري لاءِ 26 سيڪڙو شيئر وڪرو ڪري ڇڏينداسين، مون بينڪن جي نجڪاري ڪئي، مون کي معلوم آهي ته ڇا ڪرڻو آهي.